عمران خان طرفان لاهور ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض داخل

لاهور: پي ٽي آءِ جي باني عمران خان طرفان لاهور ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض داخل ڪيو ويو آهي.

عام چونڊن 2024ع جي سلسلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان پوءِ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن تي به اعتراض داخل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اميدوار ميان نصير اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض داخل ڪرڻ جي لاءِ ريٽرننگ آفيسر جي آفيس پهچي ويو. اڳوڻي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ميان نصير احمد چيو آهي ته عمران خان سزا يافته آهي ان لاءِ اهو چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ اهل نه آهي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان به داخل ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ شهري محمد اياز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز سان وابستگي ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته هو پيپلز پارٽي جو چيئرمين آهي ۽ ٻئي ڌار ڌار پارٽيون آهن انهن جا چونڊ جا نشان به ڌار آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔