ڪنهن پارٽي جو پڇ پڪڙي چونڊ نٿو کٽڻ چاهيان: چوڌري نثار

راولپنڊي: اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان ڪنهن پارٽي جو پڇ پڪڙي نه پر عوام جو هٿ پڪڙي چونڊ کٽڻ چاهيان ٿو.

چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪو معجزو ئي پاڪستان کي بچائي سگهي ٿو پر خاطري ٿو ڪرايان ته جيڪڏهن اسيمبلي ۾ پهتس ته ان معجزي ۾ ڪردار ادا ڪندس.

هن چيو ته مان ووٽ نه ڪردار تي يقين رکان ٿو، هتي منهنجون خدمتون سڀني کي نظر اچي رهيون آهن، منهنجي خدمت جو نشان هنڌ هنڌ موجود آهي، منهنجي مخالفن رڳو هڪ روڊ ٺاهيو پر منهنجي دور ۾ هن علائقي ۾ ترقياتي ڪم ٿيا.

سندس چوڻ هو ته مان ڪڏهن امانت ۾ خيانت نه ڪئي، ڪڏهن ڪرپشن نه هئي، ڪنهن تي تنقيد ڪري ووٽ نٿو وٺڻ چاهيان، تنقيد شروع ڪئي ته ڊگهي ڪهاڻي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔