سي ٽي ڊي جي وڏي ڪارروائي: آءِ ايس آءِ آفيس تي حملي سميت 50 ڄڻن جو قاتل ساٿين سميت مقابلي ۾ مارجي ويو

لاهور:  سي ٽي ڊي جي وڏي ڪارروائي دوران فيصل آباد مان آءِ ايس آءِ جي آفيس تي حملي سميت 50 ڄڻن جو قاتل ساٿين سميت مقابلي ۾ مارجي ويو.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي چنيوٽ جي علائقي ۾ ڪئي وئي. آپريشن دوران دهشتگرد طرفان مزاحمت ڪئي وئي جنهن دوران فائرنگ  جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ غضنفر نديم ساٿين سميت مارجي ويو. مارجي ويل ٻين دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي

ترجمان موجب مارجي ويل اهم دهشتگرد غضنفر نديم مٿان 50 لک روپيه مقرر ڪئي وئي هئي. غضنفر نديم 2011 کان مفرور هو. مختلف ادارا سندس ڳولا ۾ هئا.  دهشتگرد غضنفر ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين جو ماسٽر مائينڊ پڻ هو. ڪارروائي جي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي مان بارودي مواد، جديد هٿيار قبضي ۾ ورتو ويو آهي.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب غضنفر نديم عرف خالد حبيب مختلف نالن سان سڃاتو ويندو هو. دهشتگرد فيصل آباد ۾ آءِ ايس آءِ تي حملي سميت 11 وڏين ڪاررواين ۾ ملوث هو. دهشتگردن ڊيره اسماعيل خان ۾ آپگهاتي حملي سميت هڪ فرقيوارانه ٽارگيٽ ڪلنگ به ڪئي.

ترجمان ٻڌايو ته غضنفر نديم جي مارجي وڃڻ سان دهشتگردي جا واقعا گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. سي ٽي ڊي پنجاب محفوظ معاشري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکندي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔