اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن جي درخواستن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ، ن ليگ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي طرفان اليڪشن جي تاريخ ۾ ڦير ڦار ڪرڻ بنا نامينيشن فارمز جمع ڪرائڻ جي تاريخ  ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي هئي.

اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن جون درخواستون قبول ڪندي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ هئي.

جنهن ۾ 2 ڏينهن جي واڌ بعد نامزدگي ڪاغذ هاڻي 24 ڊسمبر تائين جمع ڪرايا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔