ڊنڪي جي مشهوري لاءِ ڪنگ خان ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي

دبئي : بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي فلم ”ڊنڪي“ جي مشهوري لاءِ  دبئي جي ديرا سٽي سينٽر ۾ وڏو ايونٽ رٿيو ويو جتي اداڪار جا سوين مداح موجود هئا ۽ اتي ڪنگ خان پنهنجي پرفارمنس به ڏني

ان موقعي تي شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته ڊائريڪٽر راج ڪمار هيراڻي اداڪار جي ڪيريئر جي بهترين فلم ٺاهي آهي ۽ هيراڻي سر به اهڙي فلم اڳ ۾ ناهي ٺاهي

اداڪار جو چوڻ هو ته راج ڪمار هيراڻي ٽريلر ۽ ٽيزر ذريعي پنهنجي فلم کي سامهون ناهي آڻيندو ۽ فلم ۾ اهڙا منظر اهن جيڪي دنگ ڪندڙ آهن

ڊنڪي فلم ۾ شاهه رخ خان سان گڏ تاپسي پنون، بومن ايراني، وڪي ڪوشل، وڪرم ڪوڇر ۽ انيل گروور جهڙا بهترين اداڪار شامل آهن. فلم هڪ ڪاميڊي ڊراما آهي جنهن ۾ غير قانوني طور تي پرڏيهه ويندڙ ماڻهن جي مسئلن کي موضوع بڻايو ويو آهي ۽ ان کي 21 ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔