پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ ڪيترو آهي؟ اليڪشن ڪميشن انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد:  اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري جي عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ووٽرز جو انگ 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 آهي جنهن ۾ مرد ووٽرز جو انگ 6 ڪروڙ 92 لک 63 هزار 704 ۽ عورت ووٽرز جو انگ 5 ڪروڙ 93 لک 22 هزار 56 آهي. جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ مرد ووٽرز جي شرح 53.87 سيڪڙو جڏهن ته عورت ووٽرز جي شرح 46.13 سيڪڙو آهي.

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ووٽرز جو انگ 10 لک 83 هزار 29 آهي جنهن ۾ 5 لک 68 هزار 406 مرد ووٽرز ۽ 5 لک 14 هزار 623 عورتون ووٽرز آهن

اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب بلوچستان ۾ ووٽرز جو انگ 53 لک 71 هزار 947 آهي، جنهن ۾ مرد ووٽرز جو انگ 30 لک 16 هزار 164 ۽ عورت ووٽرز جو انگ 23 لک 55 هزار 783 آهي.

خيبرپختونخواهه ۾ ووٽرز جو گڏيل انگ 2 ڪروڙ 19 لک 28 هزار 119 آهي جنهن مان هڪ ڪروڙ 19 لک 44 هزار 397 مرد ووٽرز آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ عورت ووٽرز جو انگ 99 لک 83 هزار 722 آهي.

جاري ڪيل انگن اکرن موجب پنجاب ۾ ووٽرز جو انگ 7 ڪروڙ 32 لک 7 هزار 896 آهي جنهن ۾ مرد ووٽرز 3 ڪروڙ 91 لک 22 هزار 82 ۽ عورت ووٽرز 3 ڪروڙ 40 لک 85 هزار 814 آهي.

اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ ووٽرز جو انگ 2 ڪروڙ 69 لک 94 هزار 769 آهي جنهن مان مرد ووٽرز هڪ ڪروڙ 46 لک 12 هزار 655 ۽ عورت ووٽرز جو انگ هڪ ڪروڙ 23 لک 82 هزار 114 آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔