پيٽروليم شيون سستيون ٿيڻ کان پوءِ عوام کي وڏو رليف: ٽرانسپورٽرن ڀاڙا گهٽ ڪري ڇڏيا

لاهور:  پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ کان پوءِ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي هدايت تي ٽرانسپورٽرن ڀاڙا گهٽ  ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور کان هلندڙ ٽرانسپورٽ ڪمپنيز ڀاڙن ۾ 5 کان 10 سيڪڙو لاٿ ڪري ڇڏي. ليه کان اي سي بس جو ڀاڙو 2200 کان 2100 روپيه، بهاوالپور اي سي بس جو ڀاڙو 1750 کان گهٽ ڪري 1650، ملتان اي جو ڀاڙو 1850 کان گهٽ ڪري 1650، مظفر ڳڙهه جو ڀاڙو 2050 کان گهٽ ڪري 18000 روپيه ۽ فورٽ عباس جو ڀاڙو 1800 کان گهٽ ڪري 1700 روپيه ڪيو ويو آهي.

لاهور کان اسلام آباد جو ڀاڙو 2760 کان 2680 روپيه، ڪراچي جو 6350 کان 6150، پشاور جو 2530 کان 2430 ۽ ڪوئٽه جو ڀاڙو 3800 کان گهٽ ڪري 3600 روپيه ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔