پي ٽي آءِ چونڊ نشان ڪيس، ڪميشن حتمي فيصلو نه ڪري، حڪم

پشاور : پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان ڪيس ۾ حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي ۽ چونڊ نشان ڪيس خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي عدالت ۾ ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تائين حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، جڏهن ته اليڪشن اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، چونڊ نشان ڪيس ۾ پي ٽي آءِ کي 18 ڊسمبر لاءِ الڳ الڳ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف پي ٽي آءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمني درخواست پڻ داخل ڪئي.جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس فهيم ولي پي ٽي آءِ جي ضمني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي به عدالت ۾ پيش ٿيو.بيرسٽر گوهر عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي 8 ڊسمبر تي نوٽيس ڏنو هو ۽ ان ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ 19 ڊسمبر جي تاريخ ڏني آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي چونڊ نشان ڪيس کي الڳ ڪيو ويو هو. چونڊ نشان ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ٻيو نوٽيس جاري ڪندي 18 ڊسمبر تائين طلب ڪري ورتو آهي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي به چونڊ نشان ڪيس ۾ فيصلو ڪرڻ کان روڪيو وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي موقف تي عدالت اليڪشن ڪميشن کي چونڊ نشان ڪيس ۾ حتمي فيصلو ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو، جڏهن ته چونڊ نشان واري ڪيس کي انٽرا پارٽي ڪيس سان جوڙيندي ڪيس جي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔