پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ نيويارڪ ۾ ڪرائڻ تي اتفاق

لنڊن: ايندڙ سال آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ نيويارڪ ۾ ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.برطانوي اخبار موجب آءِ سي سي ۽ آرگنائيزنگ ڪميٽي وچ ۾ پاڪ ڀارت ميچ جي حوالي سان معاهدو طئي ٿي ويو، آئزن هاور اسٽيڊيم نيويارڪ کان 25 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي لانگ آئيلينڊ ۾ واقع آهي.رپورٽن مطابق پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ ميچ لاءِ 34 هزار مداح اسٽيڊيم ۾ موجود هوندا.ذريعن موجب آمريڪي شهر فلوريڊا ۽ ٽيڪساس به ورلڊ ڪپ جي ميچن جي ميزباني ڪندا جڏهن ته بارباڊوس ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل جي ميزباني ڪندو.برطانوي اخبار موجب اڄ دبئي ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي اجلاس ۾ شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي.ياد رهي ته آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جون گڏيل ميزباني آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔