عمران خلاف سائفر ڪيس جي اِن ڪيميرا ٻڌڻي جو فيصلو

اسلام آباد: خاص عدالت سائفر ڪيس جي ان ڪئمرا ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري ورتي. خصوصي عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين پراسيڪيوشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

جنهن کي پراسيڪيوشن سيڪشن 14 اي تحت گذريل ڏينهن داخل ڪيو هو. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر رضوان عباسي پنهنجي دليلن ۾ چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سيڪشن 14 تحت ٻڌڻي ان ڪئمرا ٿيڻ گهرجي، حالتن ۽ واقعن کي ڏسندي ڳجهو ٽرائل ڪيو ويو آهي ۽ سائفر سيڪريٽ هو ته ٻڌڻي به ان ڪئمرا هجڻ گهرجي. رضوان عباسي چيو ته چارج فريم ٿي چڪو، شاهديون رڪارڊ ٿيڻيون آهن ۽ شاهديون رڪارڊ ڪرڻ وقت سيڪريسي کي نظر ۾ رکيو وڃي

ان دوران شاهه محمود قريشي جي وڪيل علي بخاري چيو ته اسان جيل ٽرائل جو نوٽيفيڪشن هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، هاءِ ڪورٽ نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي اوپن ٽرائل جو حڪم ڏنو، هاڻ اسان کي ميڊيا کان خبر پئي ته فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. ان تي جج پڇيو ته توهان ٻڌڻي دوران ڪٿي هئا؟ سڀني جي سامهون چارج فريم ٿيڻو هو، فرد جرم عدالت ۾ پڙهي ٻڌايو ويو. پوءِ عدالت پراسيڪيوشن جي اپيل منظور ڪندي سائفر ڪيس جي ان ڪئمرا ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت چيو ته رڳو جوابدارن جي فيملي ميمبرن کي ٻڌڻي دوران عدالتي ڪمري ۾ پهچ ڏني وڃي

هوڏانهن سائفر ڪيس جي ڪارروائي ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي آهي. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سائفر ڪيس جي ٽرائل دوران خبرون شايع نه ڪنديون. عدالتي فيصلي مطابق هن حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيندي. عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻڌڻين دوران پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي جا گھر ڀاتي مشروط طور تي موجود هوندا

سائيفر ڪيس جي ٽرائل دوران عام ماڻهو نه ايندو. سائيفر ڪيس جي ان ڪيمرا ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪجي ٿي.  عدالت موجب پيمرا ۽ پي ٽي اي سميت سمورن ادارن کي عملدرآمد جي هدايت ڪئي وڃي. عدالتي هدايتنامي جي ڪاپي پيمرا ۽ پي ٽي اي کي ڏني وڃي ته جيئن عملدرآمد ڪرائي سگھجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔