افغانستان مان 23 تنظيمون پاڪستان سميت 53 ملڪن ۾ دهشتگردي ڪنديون آهن: سڪيورٽي ذريعا

اسلام آباد:سڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته افغانستان مان 23 دهشتگرد تنظيمون پاڪستان سميت 53 ملڪن ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيون آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغانستان مان دهشتگردي جو نشانو بنجندڙن ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي آهي. 23 مان 17 دهشتگرد تنظيمون صرف پاڪستان کي نشانو بنائينديون آهن جڏهن ته اهي تنظيمون آمريڪا ۽ چين سميت 53 ملڪن ۾ به دهشتگردي ڪنديون آهن.

سڪيورٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙ تنظيمن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي، جماعت الاحرار ۽ بلوچ دهشتگرد تنظيمون پهرين نمبر تي آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب افغانستان مان ئي جندالله ايران ۾، داعش يورپ ۽ آمريڪا ۾ جڏهن ته حزب التحرير ۽ جماعت الاحرار پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙينديون آهن.

سڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته تحريڪ اسلامي ترڪمانستان چين، آءِ ايم يو ازبڪستان کي نشانو بنائينديون آهن. داعش يورپ، آمريڪا ۽ حزب التحرير دهشتگردي پکيڙينديون آهن جڏهن ته افغانستان مان جندالله ايران ۾ ۽ افغانستان مان جماعت الاحرار پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙينديون آهن.

سڪيورٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال دهشتگردي جي وڌندڙ لهر ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ افغان حمايت جو مُک ڪردار رهيو. افغانستان خطي ۾ دهشتگرد تنظيمن جي باقاعده مالي مدد ڪري رهيو آهي.  ذريعن موجب آپريشن ضرب عضب ۽ ردالفساد سان ٽي ٽي پي تقريبن ختم ٿي وئي هئي پر افغان طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ تي ٽي ٽي پي ٻيهر متحرڪ ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔