غيرقانوني هٿيار ۽ شراب رکڻ جو ڪيس: علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار

اسلام آباد: عدالت غيرقانوني هٿيار ۽ شراب رکڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر ڪيس جو رڪارڊ کڻي عدالت ۾ پيش ٿيا پر علي امين گنڊاپور ۽ سندس وڪيل راجا ظهورالحسن پيش نه ٿيا.

عدالت علي امين گنڊاپور کي لاڳيتو پيش نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت اشتهاري جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔