ناڻي واري وزارت اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن لاءِ 17 ارب 40 ڪروڙ روپيه جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت عام چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن کي 17 ارب 40 ڪروڙ روپيه جاري ڪيا ويا آهن

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ناڻي واري وزارت ان کان اڳ 10 ارب روپيه جاري ڪيا هئا جنهن کان پوءِ هاڻ گڏيل طور تي اليڪشن ڪميشن کي 27 ارب 40 ڪروڙ روپيه جاري ڪيا ويا آهن.

ياد رهي ته بجيٽ ۾ چونڊن جي لاءِ 42 ارب روپيه رکيا ويا هئا، اليڪشن ڪميشن فنڊ جاري نه ٿيڻ تي گذريل ڏينهن ناڻي واري وزارت جي سيڪريٽري کي طلب ڪيو هو. جنهن ٻن ڏينهن ۾ فنڊ جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔