قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتار

پشاور: پوليس قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي هڪ دفعو ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي.

اسد قيصر کي چارسده پوليس 9 مئي سانحي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪي هو ۽ 24 نومبر تي کيس سيشن ڪورٽ مردان ۾ پيش ڪيو ويو هو

پوليس طرفان اسد قيصر جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي هئي پر عدالت پوليس جي استدعا رد ڪندي کيس جوڊيشل ريمانڊ تي سينٽرل جيل مردان اماڻي ڇڏيو هو.

اڄ مردان جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جي  ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پر هاڻ مردان پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته اسد قيصر جي خلاف سٽي ٿاڻي ۾ 9 ۽ 10 مئي جي واقعن بابت ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي. اسد قيصر کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ سٽي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔