منهنجي فيملي اوهان جي انٽرٽينمينٽ لاءِ ناهي:اداڪارا سدرا نيازي

ڪراچي : پاڪستان اداڪارا سدرا نيازي سوشل ميڊيا انفلوئينسرز ۽ ولاگرز پاران سندس نجي زندگي بابت مواد شيئر ڪرڻ تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هوءَ ان جي خلاف آهي، اسان کي پنهنجي زندگي سڀ جي آڏو کولي رکڻي پوندي آهي، اوهان مون تي تنقيد ڪري سگھو ٿا پر منهنجي فيملي اوهان جي انٽرٽينمينٽ لاءِ ناهي.
اداڪارا سدرا نيازي اداڪار سهيل سمير سان گڏ خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن سوشل ميڊيا تي مواد بڻائڻ لاءِ فيملي ۽ نجي زندگي شيئر ڪرڻ تي اختلاف ڪندي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
ان کان اڳ اداڪار فهد مصطفيٰ ٽڪ ٽاڪرز تي سخت نقيد ڪندي چيو ته مواد جي نالي تي هر ڪو پنهنجي فيملي وڪڻي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي ولاگرز ۽ انفلوئينسرز انٽرنيٽ تي صبح، منجهند شام جو ڪچن ۽ گھر جون ڳالهيون شيئر ڪري رهيا هوندا آهن، ماڻهو قبرستان کي به نٿا ڇڏين اهو ڪهڙو مواد آهي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔