ڪنٽونمينٽ بورڊ جي سي اِي او آپگهات ڪري ڇڏيو

بنون:ڪنٽونمينٽ بورڊ جي سي اي او بلال پاشا آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڊي ايس پي ڪينٽ عظمت خان بنون ڪنٽونمينٽ بورڊ جي سي اي او بلاول پاشا جي آپگهات جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته محمد بلاول پاشا ڪيترن ئي ڏينهن کان ذهني دٻاءَ جو شڪار هو.
پوليس موجب بلال پاشا جو رتو رت لاش سندس گھران مليو جتي هن پاڻ کي گولي هنئين هن جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال بنون منتقل ڪيو ويو.
ڊي پي او بنون اسماعيل خان جو چوڻ هو ته بلال پاشا جي موت جو پاڻ هر رخ کان جائزو ورتو واقعو آپگهات آهي جاچ موجب بلال پاشا جي بدلي بنون کان راولپنڊي ٿي وئي هئي.
ميڊيا رپورٽس موجب پوليس ان حوالي سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پتو لڳايو ويندو ته بلال پاشا جو موت آپگهات آهي يا ان جو قتل ڪيو ويو.
رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو ته بلال پاشا جي مٿي تي گولي لڳڻ جو زخم هو.
بلال پاشا جي جنازي نماز ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد سندس مڙهه دفنائڻ لاءِ سندس اباڻي خانيوال پهچايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔