اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ چئن ڏينهن جي جنگبندي جي شروعات

اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جاري ويڙهه دوران چئن ڏينهن جي جنگبندي جي شروعات ٿي وئي آهي

اسرائيل پاران فلسطينين کي اتر غزه ڏانهن نه وڃڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي، اڄ کان شروع ٿيندڙ جنگبندي دوران حماس پاران يرغمال بڻايل اسرائيلين مان 50 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويندو

اسرائيل پاران جيلن ۾ قيد 150 فلسطينين کي آزاد ڪرڻ ۽ غزه ۾ امداد جي فراهمي تي اتفاق ڪيو ويو آهي

حماس پاران پهرين مرحلي ۾ اڄ شام تائين 13 اسرائيلين کي آزاد ڪيو ويندو، طئي ٿيل معاهدي تحت اسرائيل پاران جنگبندي جي چئن ڏينهن دوران ڏيڍ سئو فلسطينين کي آزاد ڪيو ويندو

اسرائيل پنهنجن وڌيڪ شهرين جي آزاديءَ لاءِ جنگبندي جي عرصي ۾ وڌيڪ واڌ جي آڇ به ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔