يرغمالين جي آزادي تي معاهدو، اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ ۾ وقفي تي اتفاق

ڪراچي :اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ ۾ وقفي تي اتفاق ٿي ويو، عرب ميڊيا موجب اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ ۾ وقفي تي اتفاق جو اعلان قطر ڪيو

اسرائيل حماس سان عارضي جنگبندي جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏياسرائيل حماس سان عارضي جنگبندي جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، چئن ڏينهن جي جنگبندي معاهدي  تحت فلسطيني ۽ اسرائيلي قيدين جي ڏي وٺ ٿيندي

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ ۾ 4 ڏينهن جي وقفي تي اتفاق جو معاهدو ڪيو ويو آهي جنهن تحت فلسطيني مزاحمت گروپ 7 آڪٽوبر کان يرغمال بڻايل ماڻهن کي آزاد ڪندو، جنهن ۾ 50 عورتون ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو ويندو

7آڪٽوبر کان غزا پٽي ۾ اسرائيل جي حملن ۾ 14هزار 128 فلسطيني  شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن، غزه مڪمل طور تباهه بڻيل آهي، اسپتالن تي حملا ڪيا ويا،  سوين معصوم ٻار به شهيد ٿي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔