توشه خان ڪيس: نيب کي 30 نومبر تائين نواز شريف جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ نيب کي نوازشريف جو بچاءَ وارو بيان ريڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 احتساب عدالت جي جج محمد بشير توشه خانه گاڏين واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني جا نمائندا به عدالت ۾ پيش ٿيا

 نواز شريف جي وڪيل چيو ته نواز شريف جو بچاءَ وارو هڪ بيان رهي ٿو، نيب کي بيان ريڪارڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي، عدالت چيو ته ان ۾ ڪهڙو مسئلو آهي نواز شريف کي گهرائي بيان ريڪارڊ ڪرائي وٺو

 نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته بيان جاچ آفيسر کي ريڪارڊ ڪرڻو هوندو آهي ۽ اهو ئي ريڪارڊ ڪندو، نواز شريف جي وڪيل چيو ته اسان کي سوالنامو ڏيو اسان جواب ڏئي ڇڏينداسين

 عدالت نواز شريف جو بچاءَ وارو بيان ريڪارڊ واري درخواست منظور ڪري ورتي، نيب کي 30 نومبر تائين نواز شريف جو بيان ريڪارڊ ڪرڻ جي هدايت، ٻڌڻي ساڳي تاريخ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔