حڪومت پاران تيل اگهن ۾ لاٿ ،پئٽرول 2 رپيا 4 پئسا سستو

اسلام آباد:وفاقي سرڪار پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ناڻي وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي  قيمت 2 رپيا 4 پئسا في ليٽر لاٿ کانپوءِ 281 رپيا 34 پئسا في ليٽر ٿي وئي.

ڊيزل اگهه ۾ 6رپيا 47 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي جنهن کانپوءِ نئون اگهه 296 رپيا 71 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

گاسليٽ 6 رپيا 5 پئسا لاٿ کانپوءِ 204 رپيا 98 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل اگهه ۾ 9 رپيا هڪ پئسو لاٿ کانپوءِ 180 رپيا 45 پئسا في ليٽر ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔