بلاول ننڍي ڀاءُ جيان آهي، روڄ پِٽڪي ۽ الزامن لڳائڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو: شهباز شريف

ڪوئٽه:مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته بلاول ڀٽو ننڍي ڀاءُ جيان آهي. اسان 16 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي، اسان کي الزامن جي بجاءِ پختي سياست طرف وڌڻ گهرجي ڇو ته پٽڪي ۽ الزامن سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.  

ڪوئٽه ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته اسان کي ملي صوبي کي خوشحال بنائڻو آهي ۽ اسان کي ملي معاشي، معاشرتي مسئلن کي حل ڪرڻو آهي. نوازشريف طرفان بلوچستان جي ترقي لاءِ ڪيل ڪوششون قوم جي سامهون آهن. نوازشريف جي دور ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو جڏهن ته گذريل حڪومت جي چئن سالن دوران تباهي ۽ بربادي ٿي.

شهباز شريف چيو ته لشڪري رئيساڻي کي مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت جي دعوت ڏيڻ آيو آهيان، سندس شموليت سان پارٽي کي طاقت ملندي، سياسي اڳواڻ مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت ڪري رهيا آهن بلوچستان جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي آهي، مان تمام گهڻو مطمئن آهيان.

هن چيو ته سردار اياز صادق ۽ شيخ جعفر مندوخيل لشڪري رئيساڻي سان گڏ ويهي معاملا حل ڪنداسين. بلوچ، پشتون ۽ هزارا ماڻهن جون صوبي ۾ وڏيون خدمتون آهن نوازشريف جي ڏهاڪن کان پختي سوچ آهي ته بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته جنهن کي عوام وزيراعظم چونڊ ڪندو قوم ان کي قبول ڪندي بلاول ڀٽو ننڍي ڀاءُ جيان آهي. 16 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي. مخلوط حڪومت جي مشاورت سان فيصلا ٿيڻا هئا. منفي ڳالهه اها هئي ته فيصلن ۾ دير ٿي اسان کي پختي سياست طرف وڌڻ گهرجي. روڄ پٽڪي ۽ الزامن سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو مناسب اهو آهي ته اسان سمورا ويڇا ۽ غلطيون وساري عوام جي لاءِ ڪجهه ڪريون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔