نوٽن جو حقيقي مينهن وسي پيو، ماڻهن ۾ ڀاڄ

چيڪ ريپبلڪ جي هڪ علائقي ۾ آسمان تان نوٽن جو مينهن وسي پيو جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن.

مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ آسمان تان نوٽن جي برسات ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. هن برسات بعد نوٽن کي گڏ ميرڻ وارن جو به وڏو انگ موجود آهي.

اصل ۾چيڪ ريبپلڪ سان واسطو رکندڙ هڪ نجي ٽي وي ميزبان ڪامل بارتوشيڪ المعروف ڪاظما جهجهي رقم لاءِ هڪ مقابلو ڪرايو جنهن ۾ اميدوارن کي سندس هڪ فلم ۾ ڳجهارت حل ڪرڻي هئي پر ان راند ۾ حصو وٺندر اميدوارن مان ڪنهن به درست جواب نه ڏنو.

بعد ۾ ڪاظمي انعامي رقم جيڪا 10 لک ڊالرز هئي اها راند ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سڀني کي اي ميل ذريعي مخصوص ماڳ تي پهچڻ جو اطلاع ڏنو جنهن بعد هيلي ڪاپٽر تان انعامي رقم وسائڻ شروع ڪئي وئي.

جيئن ئي آسمان تان پيسن جي برسات ٿي ته هزارين ماڻهن جيڪي ميدان ۾ گڏ ٿيا هئا انهن هڪ ڪلاڪ کان به گهٽ وقت ۾ سڀ نوٽ ٿيلهن ۾ ڀري ورتا.

وڊيو جا مڪمل تفصيل ڪاظما پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي وڊيو جي صورت ۾ شيئر ڪيا آهن جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو حقيقي پيسن جي برسات ۽ ايڏي وڏي رقم باوجود ڪو فوت يا زخمي ناهي ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔