سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي کي سندس خلاف سامهون آيل شڪايتن تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿيل سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي ۽ اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس رٽارڊ جاويد اقبال خلاف آيل شڪايتن جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن موجب، سپريم جڊيشل ڪائونسل شڪايتن تي جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کائنس ڏهه نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پراسيڪيوشن طور پيش ٿيندو.
ذريعن موجب، جسٽس مظاهر کي ڪائونسل جي ڪارروائي کليل عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اختيار به حاصل آهي، جڏهن ته جج طور استعيفيٰ ڏيڻ تي جسٽس مظاهر نقوي پنشن ۽ ٻين مراعتن جو حق حاصل هوندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔