ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي يوسي چيئرمين طور ڪاميابي چئلينج

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي يونين ڪائونسل ابراهيم حيدري مان چونڊ به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي وئي آهي

يو سي 8 ابراهيم حيدري سان تعلق رکندڙ جماعت اسلامي جي اميدوار محمد صابر عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

مرتضيٰ وهاب تي مخالف اميدوارن کي اغوا ڪرائي پاڻ کي بنا مقابلي چونڊرائڻ جا الزام هنيا ويا آهن

جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته مرتضيٰ وهاب چونڊ مهم لاءِ ميئر جي حيثيت ۾ رڳو پنهنجا ئي نه پر ٻين اميدوارن جا وسيلا به ڪتب آندا، اها صورتحال آئين جي آرٽيڪل 25 جي ڀڃڪڙي آهي

عدالت مرتضيٰ وهاب، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔