شادي ويجهي هجي ۽ وزن گهٽائڻو هجي ته ڇا ڪجي؟

شادين جي سيزن جي شروعات ٿي چڪي آهي، هن وقت هر ناري ۽ نوجوان جي اها خواهش هوندي آهي ته هو جلد کان جلد پنهنجو وزن گھٽائي ان خاص ڏينهن تي سڀ کان سٺو ۽ دلڪش نظر اچي.

جيڪڏهن اوهان به پنهنجو وزن گھٽائڻ چاهيو ٿا ۽  ان خاص موقعي تي سهڻا ۽ سمارٽ نظر چاهيو ٿا ته هيٺ ڏسيل ڊائيٽ پلان تي عمل ڪري ڪجهه هفتن ۾ نه رڳو پنهنجو وڌيل وزن گھٽ ڪري سگھو ٿا پر ان سان اوهان پنهنجي صحت کي به بهتر محسوس ڪندئو.

چيا سيڊز يا تخم بلنگا

چيا سيڊز يعني تخم بلنگا کي جيڪڏهن روز صبح جو نيرن ۾ ڏهي يا کير ۾ ملائي استعمال ڪندئو ته وزن تيزي سان گھٽجڻ شروع ٿي ويندو.

ڀاڄين جو سوپ:

منجهند جي کاڌي ۾ ڀاڄين مان تيار ڪيل سوپ پيئو، ان ۾ ڪدو، گجر، گوگڙو ۽ ڪڙي پن شامل ڪريو.

انهن ڀاڄين کي ايترو پچايو جو اهي چمچي سان سولائي سان ڳري وڃن، خيال رهي ته اهو سوپ گھاٽو نه هجي پر پاڻي جيان هجي.

ان جي ذائقي ۾ اضافي لاءِ ٿورا ڪارا مرچ، ڪجهه ثابت ڳاڙها مرچ ۽ لوڻ به شامل ڪري سگھو ٿا.

ڄاڻايل جُزن کانسواءِ اوهان کي سڄي ڏينهن جي خوراڪ ۾ ڪيلوريز جي مقدار کي به ڪنٽرول ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي ڊائيٽ ۾ پروٽين ۽ فائبر کي وڌائڻو آهي، جن لاءِ اوهان ڀاڄين ۽ ميون جو استعمال ڪري سگھو ٿا.

ڪيلوريز تي ڪنٽرول:

جيڪڏهن اوهان کائڻ جا شوقين آهيو ۽ ڊائيٽ ڪرڻ اوهان لاءِ ڏکيو آهي ته ڪا ڳالهه ناهي، اوهان کي رڳو اهو ڪرڻو آهي ته اوهان جيڪو به کائو ان ۾ ڪيلوريز جي مقدار کي ڪنٽرول ۾ رکو.

جسم جي هڪ ڪلوگرام وزن لاءِ هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ ڪيلوري گھربل هوندي آهي.

ڪيلوري جون ضرورتون ڏينهن، جسم، قوت جي استعمال موجب تبديل ٿينديون رهنديون آهن، گھڻو فارغ ويهندڙ ماڻهن  کي 2500 ڪيلوريز روز جي ضرورت هوندي آهي جڏهن ته هڪ سراسري طور سرگرم ماڻهو کي 3000 جي ۽ سخت محنت ڪندڙ فرد کي 4500 يا ان کان وڌيڪ ڪيلوريز جي ضرورت پوندي آهي.

عورتن کي گھٽ ۾ گھٽ ڪيلوريز جي ضرورت هوندي آهي، جيڪڏهن اهي فارغ آهن ته 2100 ۽ جيڪڏهن گھڻو ڪم ڪنديون آهن ته 3000 جي ضرورت هوندي آهي.

اوهان پنهنجي ضرورت موجب ڏينهن ۾ مخصوص مقدار ۾ ڪيلوريز وٺي سگھو ٿا.

ورزش ۽ پنڌ ڪرڻ:

روز مرهه جي خوراڪ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ سان گڏوگڏ اوهان ٿوري ورزش ۽ پنڌ کي به پنهنجي معمول ۾ شامل ڪري وٺو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔