ماڙي جلباڻي واقعي جي جڊيشل انڪوائري بابت درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ لاءِ داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتي

جسٽس نعمت ڦلپوٽو جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ واڳيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار علي جلباڻي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي سربراهيءَ ۾ عدالتي ڪميشن جوڙي شفاف جاچ ڪرائي وڃي

سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين درخواست ۾ ڳوٺاڻن کي ماريندڙ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتاري جي به استدعا ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔