اداڪاره ماهره خان جي ونواهه جون تصويرون وائرل

ڪراچي : تازو ئي پنهنجي ويجهي دوست سليم ڪريم سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ جڙندڙ مشهور اداڪاره ماهره خان پنهنجي ونواهه ۽ خير جي دعا جون تصويرون سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيون آهن، ماهره خان پنهنجي ونواهه ۽ خير جي دعا جون تصويرون انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيون

جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره پنهنجي خير جي دعا ۾ آف وائٽ رنگ جي حيدرآبادي ڪرتي سان گڏ سونهري رنگ جو چوڙيدار پاجامو پهريو هيو، جڏهن ته ونواهه ۾ هن روايتي پيلي رنگ جو وڳو پهريو هيو، اداڪاره تصويرون پوسٽ ڪندي پنهنجي والده جي خراج تحسين پيش ڪيو، هن چيو ته منهنجي ماءُ جي خواهش هئي ته منهنجي شادي جي شروعات خير جي دعا سان ٿئي

هن چيو ته منهنجي خوبصورت ماءُ وهيل چيئرمين تي آهي ۽ سڀني کي لڳي ٿو ته اها ڪجهه نٿي ڪري سگهي، پر منهنجي ماءُ واقعي ۾ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، هن وهيل چيئر تي ويهي ڪري شادي جا سمورا انتظام ڪيا ۽ وقت تي تيار به ٿي وئي هئي

ماهره خان چيو ته خير جي دعا بعد، منهنجي ننڍپڻ جي سهيلين مون لاءِ ونواهه جي تقريب جو انتظام ڪيو، الحمدالله! اهي منهنجون اهي سهيليون آهن، جن کي مان پنهنجون ڀينر چئي سگهان ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔