عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ نااهلي معطل ڪرائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کان نااهلي جو فيصلو معطل ڪرائڻ  لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

عمران خان جي نااهلي جو فيصلو معطل ڪرائڻ جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين  طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس ۾ سزا کان پوءِ نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهلي جو نوٽيفيشن توشه خانه ڪيس ۾ سزا جي بنياد تي جاري ٿيو ان لاءِ اليڪشن ڪميشن کان جاري نااهلي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي.

ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطل ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔