ايپيڪس ڪميٽي اجلاس: غيرقانوني رهندڙ سمورن پرڏيهين کي پاڪستان مان ڪڍڻ جو فيصلو

اسلام آباد:  قومي ايپيڪس ڪميٽي پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سول ۽ عسڪري اختيارين، ڳجهن ادارن جي سربراهن، چئني صوبن جي آءِ جيز ۽ چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل امن امان جي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو ويو

ايپيڪس ڪميٽي نيشنل ايڪشن پلان جي تحت پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ مان ڪڍڻ جي لاءِ حتمي ڊيڊ لائن ڏيڻ جو امڪان آهي. سمورا پرڏيهي امڪاني ڊيڊ لائين تائين سمورا اثاثا وڪرو ڪري پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جا پابند هوندا. ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ تي پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪيو ويندو ۽ سندن ملڪيت به ضبط ڪئي ويندي.

پاڪستان ۾ صرف(پروف آف رجسٽريشن) رکندڙ افغان پناهگير رهي سگهندا. افغان شهري قانوني طور تي جاري ڪيل ڊيجيٽائزڊ اي ترڪيزه تي ئي پاڪستان جو سفر ڪري سگهندا. باقاعده قانوني ويزا رکندڙ افغان شهري به پاڪستان جو سفر ڪرڻ جا اهل هوندا. پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن افغان پناهگير شهرين کي به امڪاني ڊيڊ لائين ڏيڻ تائين پنهنجي ملڪ واپس وڃڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔