پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت پهچندي ئي ايئرپورٽ تي ”بابر ڀائي“ جي نعرن جي گونج

نئين دهلي : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي شهر حيدرآباد پهچي وئي.
مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي شروعات 5 آڪٽوبر کان ڀارت ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت پهچي چڪي آهي.
پاڪستان ٽيم جي ڀارت پهچڻ تي شوقينن رانديگرن جي ڀرپور آجيان ڪئي، ان موقعي تي ايئرپورٽ ”بابر ڀائي“ جي نعرن سان گونجي اٿيو.
ايئرپورٽ تي شوقينن قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جون تصويرون پڻ ڪڍيون، جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
هوڏانهن انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پڻ ڀارت پهچندڙ قومي ٽيم جي رانديگرن جون تصويرون جاري ڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔