ڪنهن کي به سياست کان ناهي روڪيو، پر 9 مئي واقعن ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ٿيندي: نگران وزيراعظم

نيويارڪ: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت کي سياسي عمل کان نه پيو روڪيو وڃي پر 9 مئي وارن واقعن ۾ ملوث عنصرن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ٿيندي.
نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڪوشش آهي ته چونڊن تائين ملڪ ۾ ڪجهه نجڪاري ٿئي، پرڏيهي سيڙپڪاري اچي چڪي آهي ته جيئن نئين حڪومت کي پنهنجو منشور اڳتي وڌائڻ ۾ سولائي ٿئي.
هن چيوته غير قانوني ڪرنسي ٽريڊ خلاف ڪريڪ ڊائون کي آءِ ايم ايف ساراهيو آهي، اها ڪارروائي جاري رکنداسين.
نگران وزيراعظم چيو ته کنڊ ۽ ڪڻڪ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري قيمتن ۾ هٿرادو واڌ تي ظابطو آڻي ورتو آهي، ڊالر جو اگهه به گهٽجڻ لڳو آهي.
هن چيو ته چونڊن جي تاريخ جو جلد اعلان ڪيو ويندو، ڪنهن به سياسي جماعت کي سياست کان ناهي روڪيو، پر 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن خلاف قانون پٽاندڙ ڪارروائي ٿيندي.
هن چيو ته جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي، ڪشمير، موسمي تبديلين ۽ فلسطين جي حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪيو، سندس دورو تمام گهڻو ڪامياب رهيو آهي، عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون فائديمند رهيون.
هرديب سنگهه قتل بابت سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٻن ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيو آهي، ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل بعد ڀارت تي سنجيده نوعيت جا سوال اٿاريا پيا وڃن، ڪئناڊا ۾ ڀارتي قدمن سان اولهه وارن مُلڪ کي جهٽڪو لڳو آهي ۽ ڪئناڊا جي واقعي اولهه جون اکيون کولي ڇڏيون آهن.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان هميشه افغانستان جي خودمختاري جو احترام ڪيو آهي، هو پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪرڻ ڄاڻن ٿا، افغانستان سان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.
هن چيو ته ايراني صدر سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن، نگران حڪومت مهانگائي جي خاتمي لاءِ کنڊ ۽ ڪڻڪ مافيه خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، هن وقت ملڪ ۾ اٽي، کنڊ ۽ ڪڻڪ جي ڪابه کوٽ نه آهي، جيڪو به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔