ايندڙ مهيني پيٽرول 12 روپيا سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ايندڙ مهيني گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي

ناڻي وزارت جي اختيارين موجب روپئي جي قدر ۾ اضافي سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي

اختيارين جو چوڻ آهي ته پهرين آڪٽوبر کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 11 روپيا 98 پئسا گهٽجي سگهي ٿي، جڏهن ته ڊيزل 9 روپيا 17 پئسا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي

ناڻي وزارت جي ذريعن دعويٰ دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ مهيني گاسليٽ جي قيمت 5.58 روپيا گهٽجي سگهي ٿي

واضح رهي ته حڪومت 15 سيپٽمبر تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ڪندي پيٽرول في ليٽر 26 روپيا  مهانگو ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔