نيب ٻن ڏينهن دوران 44 ريفرنسز جو رڪارڊ احتساب عدالتن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) طرفان ٻن ڏينهن دوران 44 ريفرنسز جو رڪارڊ اسلام آباد جي احتساب عدالتن ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.

تفصيل موجب اڄ نيب جي هفتيوار موڪل هجڻ سبب وڌيڪ ريفرنسز جو رڪارڊ احتساب عدالتن ۾ جمع نه ٿي سگهيو. نيب ذريعن ٻڌايو آهي ته رهيل ريفرنسز جو رڪارڊ سومر تي جانچ پڙتال کان پوءِ جمع ڪرايو ويندو. ڪوشش هوندي ته سومر جي ڏينهن سمورن 80 ريفرنسز جي جاچ مڪمل ڪئي وڃي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته نيب ڪيسز جو رڪارڊ جلد کان جلد  پورو ڪرڻ کان پوءِ عدالتي ڪارروائي جي شروعات لاءِ ڪوشان آهي. ياد رهي ته عدالت سڳوري جي حڪم تي سڄي ملڪ جي احتساب عدالتن کي نيب طرفان ريفرنسز اماڻيا پيا وڃن.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔