آمريڪي صدر جوبائيڊن جي ڀارتي دوري کان اڳ خاتون اول ڪورونا ۾ مبتلا

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن جي 20 ملڪن جي سربراهي هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وڃڻ وارو ئي هو ته ان کان اڳ سندس گهر واري 72 ورهين جي جل بائيڊن ڪورونا ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب خاتول اول جل بائيڊن معمولي نشانيون ظاهر ٿيڻ تي ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو جيڪو مثبت اچڻ تي هن پاڻ کي گهر ۾ ئي قرنطينه ڪري ورتو آهي جتي هو ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ آهي

جل بائيڊن گذريل سال آگسٽ ۾ به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي هئي  ٺيڪ هڪ سال گذرڻ کان پوءِ ٻيهر موذي  وائرس جو شڪار ٿي. جل بائيڊن ڪورونا ويڪسين به لڳرائي هئي.

گهر واري جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ تي 80 ورهين جي جوبائيڊن جو به ڪورونا ٽيسٽ ڪيو ويو جيڪو منفي آيو، کيس خميس تي جي 20 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت به وڃڻو هو پر هاڻ ان جو فيصلو ڊاڪٽرن جي ٽيم ڪندي.

ياد رهي ته هلندڙ مهيني آمريڪا ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ٿيو آهي اسپتالن ۾ ڪورونا ۾ مبتلا مريضن جو انگ به وڌي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔