بجلي بلن جي معاملي تي مالياتي ادارن سان ڪيل واعدن تي عمل ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد:نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بجلي جي معاملي تي آءِ پي پيز سان غير منصفاڻي بجلي معاهدن تي ڳالهيون جاري آهن.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بجلي جي بلن واري معاملي تي مالياتي ادارن سان ڪيل واعدن تي عمل ڪندي

هن چيو ته آءِ پي پيز سان غير منصفاڻي بجلي معاهدن تي ڳالهيون جاري آهن، ڪجهه رعايتون وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن جا تفصيل هن وقت نٿو ٻڌائي سگهان.

نگران وزيراعظم چيو ته احتجاج ڪندڙن جا جذبات مجروح ڪرڻ کان سواءِ مسئلي جو ڊگهي وقت تائين حل ڳولينداسين، عوام کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ حقيقتن تي ٻڌل فيصلو ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته سمورن شعبن جي لاءِ بجيٽ رکڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي. پنهنجي اختيارن جي دائري ۾ رهندي معاشي ۽ مالياتي معاملا هلائي رهيا آهيون. آئيني طور تي حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نٿا آڻي سگهون. صرف مختصر اصلاحات ڪري سگهون ٿا جنهن جي مستقبل جو فيصلو ايندڙ چونڊيل حڪومت ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔