سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا گهٽتائي

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا گهٽتائي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 6 هزار 300 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 23 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 5 هزار 402 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 99 هزار 588 رپين جو ٿي ويو آهي.
ٻئي طرف عالمي مٽا سٽا ۾ سون جو اگهه به سستو ٿي ويو آهي ۽ سون جي قيمت 9 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1931 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔