ڪارونجهر مان ڪنهن کي پٿر به ڪڍڻ نه ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪارونجهر جبل مان ڪنهن کي هڪ ڪلو گرينائيٽ به ڪڍڻ نه ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف اسٽي آرڊر برقرار رکندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

جسٽس محمد شفيع صديقي رمارڪس ۾ چيو ته سنڌ سرڪار کي ڪارونجهر جي تحفظ بابت قانون ٺاهڻ لاءِ جاڳائڻو پوندو، ڪنهن کي به ڪارونجهر مان گرينائيٽ ڪڍڻ نه ڏينداسين

درخواست گذار منور ساگر پاران پٽيشن ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت سموريون ليز رد ڪرڻ ۽ ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

عدالت سرڪاري وڪيل کان سوال ڪيو ته توهان ثقافتي ورثي کي بچائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟

سرڪاري وڪيل چيو ته 32 چورس ڪلوميٽرز تي ٻڌل ڪارونجهر جي 25 هنڌن کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، 56 سائيٽس تي سروي جو ڪم هلي رهيو آهي

عدالت سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته توهان جي حڪومت ڪڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿيندي، ڇا هاڻي اهي ڪم به اسان کي ڪرڻا پوندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔