امجد شيخ، عرفان سمون ۽ روحل کوسو سميت31ايس ايس پيز ڪٿي مقرر ٿيا؟

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ وڏي پيماني تي مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشنس جاري ڪيا ويا آهن

عمران قريشي کي ايس ايس پي ڪراچي سائوٿ مقرر ڪيو ويو آهي، سيد عرفان علي ايس ايس پي ايسٽ، طارق الاهي ايس ايس پي ملير ۽ حسن سردار احمد کي ايس ايس پي ڪورنگي مقرر ڪيو ويو آهي

حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جا به ايس ايس پيز تبديل ڪيا ويا آهن، امجد شيخ کي ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان هٽائي ايس ايس پي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ابريز علي عباسي ايس ايس پي ٽنڊو الهيار ۽ سليم شاهه ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان طور مقرر ٿيو آهي

نور الحق رند ايس ايس پي مٽياري، طارق نواز ايس ايس پي ڄامشورو ۽ شبير احمد سيٺار ايس ايس پي دادو مقرر ٿيا آهن

علي بخش آفتاب نظاماڻي ايس ايس پي ٺٽو، شهلا قريشي ايس پي سجاول ۽ قمر رضا جسڪاڻي ايس پي بدين مقرر ٿيا آهن

ڪيپٽن حيدر رضا ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ڪيپٽن رٽائرڊ صدام حسين ايس ايس پي سانگهڙ ۽ عابد علي بلوچ ايس پي نوشهرو فيروز مقرر ٿيا آهن

نوٽيفڪيشن موجب عديل ميمڻ ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ علي مردان کوسو ايس پي ٿرپارڪر مقرر ٿيا آهن

عرفان سمون کي ٻيهر ايس ايس پي سکر طور مقرر ڪيو ويو آهي، عبدالخالق ايس پي عمرڪوٽ ۽ سميع الله سومرو ايس ايس پي خيرپور مقرر ٿيا آهن

منير احمد کهڙو ايس پي گهوٽڪي، سيد عبدالرحيم شيرازي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ محمد آصف رضا ايس پي قمبر شهدادڪوٽ مقرر ٿيا آهن

روحل کوسو کي خيرپور مان هٽائي ايس پي ڪشمور مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خالد مصطفيٰ ڪورائي ايس پي شڪارپور ۽ سيد عامر عباس شاهه ايس ايس پي جيڪب آباد مقرر ٿيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔