سڄي ملڪ ۾ دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو اڄ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو اڄ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.صدر پاڪستان، نگران وزيراعظم،چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيف ۽ پاڪستان جي فوج دفاع جي ڏهاڙي تي شهيدن ۽ انهن جي پونئرن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪئي .

دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وطن جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون ڏيڻ وارن شهيدن کي اسان سلام پيش ڪريون ٿا ،وطن جي بهادر پٽن دشمن خلاف بي خوف ٿي وڙهندي هڪ تاريخ رقم ڪئي .

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ پاڪستان کي انتها پسندي ، دهشتگردي  ۽ ٻاهرين جارحيت  جهڙا سڪيورٽي جا چيلنجز آڏو آهن .

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 6 سيپٽمبر 1965 جي معرڪي اهو ثابت ڪيو ته غيور قوم پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي . پاڪستان جي هٿياربند فوج هر طرح سان اندروني ۽ ٻاهرين خطرن خلاف وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي ، پاڪستان کي نقصان پهچائيندڙن جي هر ڪوشش جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو .

دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ۾ پاڪ فضائيه جي ڪيڊٽس مزار قائد جي گارڊز جا فرض سنڀاليا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔