وڌندڙ مهانگائي ۽ بجلي جي اضافي بلن خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ واپارين ۽ جماعت اسلامي جي سڏ تي شٽر بند هڙتال

ڪراچي:  ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ اضافي بجلي جي بلن خلاف اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي. هڙتال جو سڏ جماعت اسلامي ۽ واپاري تنظيمن طرفان ڏنو ويو آهي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، هالا، فيض گنج، قمبر شهدادڪوٽ، اوٻاوڙو، ڪلوئي، تلهار ۽ سنڌ جي ننڍن وڏن علائقن سميت لاهور ۽ پشاور جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ دڪانون ۽ ڪاروباري مرڪز بند آهن. روڊن تي ٽرانسپورٽ ۽ بسون به معمول کان گهٽ آهن. وڪيلن به هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي جنهن سبب اهي عدالتن ۾ پيش نه ٿي رهيا آهن

ڪراچي جي واپارين طرفان بجلي جي اضافي بلن، مهانگائي خلاف جمعي تي به شٽربندهڙتال سبب شهر جون ننڍيون وڏيون مارڪيٽون بند رهيون. هوڏانهن پنجاب بار ڪائونسل جي به مهانگائي خلاف اڄ ماتحت عدالتن ۾ هڙتال آهي. مقامي وڪيل نازيه نواز جي گهر تي فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ نيشنل هاءِ وي تي دڪانون ۽ هوٽلون بند ڪري مظاهرين سراپا احتجاج آهن. گلشن حديد مان هلندڙ ريڊ بس سروس به معطل آهي. جڏهن ته جهنگ ۾ به مهانگائي ۽ اوور بلنگ جي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي.

هوڏانهن ٺٽي ۾ به دڪانون ۽ پيٽرول پمپ بند آهن. جيڪب آباد ۾ به شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي. تلهار ۾ مهانگائي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جماعت اسلماي جي ڪارڪنن فاروق اعظم چوڪ کان احتجاجي مظهارو ڪري حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو هنيو. هالا ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي ۽ واپارين جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جماعت اسلامي جي ڪارڪنن احتجاج دوران سڄي شهر جو گشت ڪيو ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سخت نعريبازي ڪئي.

فيض گنج ۾ به مهانگائي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته نگران سرڪار عام ماڻهو مٿان پيٽروليم بم ڪيرائي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. مهانگائي جي چڪي ۾ پسيجندڙ فيض گنج واسين به اڪري ڀنگو بهڻ، ڪوٽ لالو، ڪرونڊي ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو.

لاڙڪاڻو ۾ واپاري، ٽرانسپورٽ، سياسي، مذهبي ۽ سماجي تنظيمن جي سڏ تي بجلي، پيٽرول سميت عام  واهپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي. مک ڪاروباري مرڪز ريشم، گلي، شاهي بازار، جيلس بازار سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. قمبر شهدادڪوٽ ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.

اوٻاوڙو ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جماعت اسلامي جي ضلعي امير مولانا محمد يوسف مزاري جي اڳواڻي ۾ پيٽرول، ڊيزل بجلي جي واڌو بلن ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو.   ڪلوئي ۾ مهانگائي خلاف مقامي رهواسين ستون ميل اسٽاپ تي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو. احتجاج دوران بن ڪلاڪن تائين روڊ بند ڪيو ويو ۽سخت نعريبازي ڪئي وئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔