سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومون ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن تي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي اجلاس حوالي سان تيارين بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير اختتامي سيشن ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
امن مشن جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي جي موضوع تي ڪوٺايل اجلاس جي گڏيل ميزباني پاڪستان ۽ جپان ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ مختلف مُلڪن جي نمائندن ۽ گڏيل قومن جي اعليٰ عملدارن سميت سفارتي برادري جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ آرمي چيف امن دستن کي پيش ڏکائين، چئلينجز ۽ خطرن جو ذڪر ڪيو.
ان موقعي تي جنرل عاصم منير چيو ته عالمي امن جي بحالي ۾ گڏيل قومن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، گڏيل قومن پچيدا خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ امن مشن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي.
آرمي چيف جو چوڻ هوته پاڪستان هڪ اهڙو خطو چاهي ٿو جتي امن قائم هجي، واپار، ٽرانزٽ ۽ سيڙپڪاري هجي ۽ اهڙو خطو جيڪو ڏکڻ، اولهه ۽ وچ ايشيا جي سمورين رياستن لاءِ خوشحالي جو سبب بڻجي.
جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومون ڪشيمر مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔