حڪمران اتحاد جو نگران وزيراعظم جي نالي تي اڃا اتفاق نه ٿيو

حڪمران اتحاد جو نگران وزيراعظم جي نالي تي اڃا اتفاق نه ٿي سگهيو، شارٽ لسٽ ڪيل نالن ۾ ناڻي واري اڳوڻي وزير حفيظ شيخ ۽ هڪ رٽائرڊ جج جو نالو به شامل آهي

 ايم ڪيو ايم نگران وزيراعظم جي لاءِ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جو نالو ڏئي ڇڏيو، ايم ڪيو ايم جي وفد خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ پي ايم هائوس اسلام آباد پهچي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم وفد آدمشماري بابت خدشا ختم ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا به مڃيا

 وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي لاءِ اسان وزيراعظم کي 5 نالا ڏئي ڇڏيا آهن، اياز صادق ۽ خواجا آصف ذريعي اسان جيڪي 5 نالا ڏنا اهي ميڊيا تي نه آيا آهن، راڻا ثناءُ الله جيڪي نالا ظاهر ڪيا اهي ڪميٽي جي فيصلي ۾ شامل نه هئا

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته راڻا ثناءُ الله مون کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته نگران وزيراعظم طور ڪير اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو وزيراعظم جي ڪچن ڪابينا جو ميمبر آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔