مسلم ليگ(ن) پاران ايندڙ چونڊن ۾ سياسي اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪنهن ٻئي سياسي پارٽي سان اتحاد جي بجاءِ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن موجب ڪنهن به پارٽي سان امڪاني سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو نوازشريف پاڻ ڪندو. خيبرپختونخواهه ۾ جي يو آءِ پهرين نمبر تي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) سان هٿ ملائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي

عام چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي حڪمت عملي جون تجويزون قيادت ڏانهن پهچايون ويون آهن.  چونڊن ۾ ٽڪيٽ جي لاءِ پهرين ترجيح (ن) ليگ جي وفادارن کي ڏني ويندي.

ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف چونڊن کان اڳ پنجاب جي تڪن ۾ سروي ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. نوازشريف اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته پارلياماني بورڊ ٺاهڻ کان اڳ سروي مڪمل ڪيا وڃن.

نوزشريف چيو آهي ته پنجاب جي قيادت سروي رپوٽ سفارشن سان گڏ پارلياماني بورڊ ۽ قيادت کي ڏئي. سروي ۾ اميدوارن جي تڪن ۾ ساک، برتري يا شڪست جي امڪانن جو جائزو ورتو ويندو، جن اميدوارن جي پنهنجي تڪن ۾ ساک سٺي نه هوندي ان جي جڳهه متبادل اميدوار کي ٽڪيٽ ڏنو ويندو.

پارٽي اڳواڻ طرفان گڏيل سروي دوران ايندڙ چونڊن ۾ ٻين پارٽين سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جا فائدا ۽ نقصانن جو به جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔