ڀارت جو چنڊ تي موڪليل ”چندريان 3“ مشن ڪاميابي سان لانچ

نئين دهلي: ڀارت چنڊ ڏانهن نئون مشن چندريان 3 روانو ڪري ڇڏيو.
اهو ڀارت طرفان چنڊ تي لهڻ جي چئن ورهين دوران ٻين ڪوشش آهي، ان کان اڳ 2019ع ۾ چندريان 2 مشن ناڪام ٿيو هو.

چندريان 3 مشن کي منجهند ٻه وڳي آنڌرا پرديش جي ستيش دهون اسپيس سينٽر تان ايل وي ايم 3 راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيو ويو.
انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائزيشن (اسرو) چندريان 3 مشن لاءِ هڪ لينڊر، روور ۽ propulsion موڊيول تيار ڪيو آهي.
ان مشن کي چنڊ جي ڏکڻ قطب ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ اتان جي سطح تي مختلف سائنسي تجربا ڪيا ويندا.
هيل تائين رڳو آمريڪا، روس ۽ چين جا مشن چنڊ جي سطح تي لهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن ۽ ڀارت اهڙو چوٿون ملڪ بڻجڻ چاهي ٿو.
جيڪڏهن سڀ ڪجهه منصوبي موجب ٿيو ته چندريان مشن 23 آگسٽ تائين چنڊ تي لينڊ ڪندو.
ڀارت طرفان ان مشن لاءِ ساڍا 7 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن.
اسرو طرفان اهڙي اهڙا اسپيس ڪرافٽ به تيار ڪيا پيا وڃن جيڪي خلابازن کي زمين جي مدار تي کڻي ويندا.
ياد رهي ته چنڊ جي سطح تي لهڻ گھڻو ڏکيو مرحلو هوندو آهي ۽ گھڻا اسپيس مشنز ناڪام ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔