نوازشريف جلد واپس اچي چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪندو: عطاءُالله تارڙ

وزيرآباد: وزيراعظم شهباز شريف جو خاص صلاحڪار عطاءُالله تارڙ وزيرآباد پهچڻ دوران علي پور چٺه جي ڪيس ۾ فرسٽ مئجسٽريٽ محمد آصف جي عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت ۾ ڪيس جو چالان پيش ڪري عطاءُالله تارڙ کي  15 آگسٽ تي ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي. عطاءُالله تارڙ خلاف آزاد ڪشمير چونڊن جي موقعي تي ٿاڻي ۾ اهلڪارن سان هاٿاپائي سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ٿيل آهي.

ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته اسان اسٽي آرڊر ۽ بهانن جي پٺيان لڪڻ وارن مان نه آهيون. عدالتن ۾ پيش ٿيندا آهيون، منهنجي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو جلد ختم ٿي ويندو. هي ڳالهيون وڏيون ڪندا آهن. پر جڏهن معاملو سامهون ايندو آهي ته هي لڪندا ۽ ڀڄندا آهن. جهڙي طرح فواد چوڌري کي اوهان عدالت ۾ ڀڄندي ڏٺو. ٿوري سختي اچڻ تي هنن جون رڙيون شروع ٿي وينديون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته جنهن بي گناهه ڪارڪنن کي جيلن ۾ وڌو ويو هو اڄ اهي پاڻ دربدر ٿي رهيا آهن. روسي تيل جو ملڻ وڏي غنيمت آهي هاڻ اهو تيل ريفائنري جي پراسيس مان ٿي دستياب هوندو. 12 آگسٽ تي وفاقي حڪومت جو آخري ڏينهن آهي ان کان پوءِ چونڊ جو اعلان ڪيو ويندو. جلد ميان نوازشريف واپس اچي چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪندو. جڏهن ميان نوازشريف واپس ايندو ته ٽڪيٽن سميت ٻين معاملن کي به فائنل ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔