ڪراچيءَ ۾ سانوڻي جو پهريون وسڪارو

ڪراچي: پنجاب ۽ سنڌ جي راڄڌاني سميت مختلف شهرن ۾ برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات دير سان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي.
ملير ۽ ڀرپاسي ۾ تيز جڏهن ته مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات ٿي جنهن بعد شهر جي موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ٽيهه ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جوچوڻ آهي ته شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، شهر ۾ ڏکڻ، اولهه کان 14 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلي رهيون آهن.
ٻئي پاسي لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، دادوءَ سميت مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.
موسميات کاتي موجب، اڄ حيدرآباد، ٺٽي، بدين، سانگهڙ ۽ ميرپور خاص سيمت سنڌ جي ٻين علائقن تيز برسات جو امڪان آهي.
هوڏانهن لاهور جي مختلف علائقن سيمت قصور ۽ گجرات ۾ به صبح سوير وسڪاري بعد گرميءَ جو زور ٽٽي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔