شاهد آفريديءَ ڌيءَ جي رخصتي تي جذباتي پيغام سان گڏ تصوريون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ جي وڏي نياڻي اقصيٰ جي رخصتي واري تقريب جمعي جي رات ڪراچي ۾ ٿي گذري جنهن جون تصويرون ٽوئيٽر تي شيئر ڪيون ويون آهن.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شاهد آفريدي طرفان شيئر ڪيون ويون، اڳوڻي ڪپتان ڪيپشن ۾ لکيو ته ”منهنجي پياري ڌي، هاڻي به سڀ ڪجهه ڪالهه جيئن لڳي ٿو، توکي پنهنجن هٿن ۾ پاليو، اُن ڏينهن مان پاڻ سان واعدو ڪيو هو ته تنهنجو ساٿ ڪڏهن نه ڇڏيندس“.
اڳوڻي ڪپتان لکيو ته ”جيتوڻيڪ اوهان پنهنجي زندگي ۾ هڪ نئون باب ڪري رهيا آهيو، پر اوهان سدائين منهنجي دل ۾ رهندئو، ڇو جو مان اُهو ماڻهو آهيان جنهن اوهان سان سڀ کان پهريان پيار ڪيو آهي“.
شاهد آفريدي ڌيءَ ۽ ناٺي لاءِ پيغام ۾ چيو ته خدا اوهان ٻنهي کي سدائين پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي، اوهان کي گڏ هڪ خوبصورت زندگي گذارڻ جو موقعو عطا فرمائي _ آمين“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔