سوئيڊن واقعي خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ يومِ تقدسِ قرآن ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: سوئيڊن واقعي خلاف قوم اڄ يومِ تقدس قرآن ملهائي رهي آهي، وزيراعظم سموري قوم کي اڄ جمعي نماز بعد احتجاج جو سڏُ ڏئي ڇڏيو

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ۾ ملوث شخص کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي

هن چيو ته اسلامي دُنيا کي هڪ آواز ٿي اِن خلاف ڳالهائڻو پوندو، اسلاموفوبيا ۽ اسلام خلاف باهه وڌي رهي آهي، سمورن ملڪن کي سمجهڻ گهرجي ته مسلمان هاڻ اهڙي حرڪت برداشت نه ڪندا

شهباز شريف چيو ته اڳتي ڪنهن اهڙي حرڪت ڪئي ته پوءِ ڪير اسان کي ميار نه ڏئي

وزيراعظم شهباز شريف پاران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کان معاملي تي هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔