عالمي سطح تي ڀارت خلاف پاڪستان کي وڏي ڪاميابي ملي وئي

عالمي سطح تي ڀارت خلاف پاڪستان کي وڏي ڪاميابي ملي وئي، انٽر نيشنل فورم پي سي اي پاڪستان جي درخواست تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا

ڀارت عالمي عدالت ۾ اعتراض واريا هئا، پاڪستان انڊس واٽر ٽريٽي جي ڀڃڪڙي تي عالمي فورم تي شڪايت ڪئي هئي

پاڪستان موقف اختيار ڪيو ته ڀارت انڊس واٽر ٽريٽي جي ڀڃڪڙي ڪندي  ڪشن گنگا ۽ رتلي ڊيم تعمير ڪري رهيو آهي، 1960ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ  ۾ انڊس جهلم ۽ چناب ۾ پاڻي جي ورڇ جو معاهدو ٿيو هو

پاڪستان طرفان اٽارني جنرل نمائندگي ڪئي، انٽرنيشنل فورم پي سي اي طرفان پاڪستان جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار، پي سي اي 13 مئي تي پاڪستان جي اعتراضن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔