پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام شروع ڪيو: وزيراعظم

پشاور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ وڏي مشڪل سان آءِ ايم ايف پرگرام شروع ڪيو.

وزيراعظم شهبازشريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي تورغر ۾ خطاب ڪندي چيو ته 12 جولاءِ تي آءِ ايم ايف جي بورڊ ميٽنگ آهي. انشاءَالله معاهدو ٿي ويندو. وڏي مشڪل سان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو ڇو ته اسان کي ملڪ کان بچائڻو هو. پاڪستان اندر ۽ ٻاهر ويٺل ماڻهو ڊيفالٽ ٿيڻ جون دعائون ڪري رهيا هئا

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته مشڪل حالتن ۾ اربين ڊالر ڏيڻ تي دوست ملڪن جو ٿورائتو آهيان. آرمي چيف عاصم منير جو ٿورائتو آهيان جنهن سعودي عرب ۽ يو اي اي کان 3 ارب وٺي ڏنا. سڀني گڏجي ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا نه ڪيو ته تاريخ کين معاف نه ڪندي.

وزيراعظم سوئيڊن واقعي تي چيو ته قرآن پاڪ جي بيحرمتي تي سموري دنيا سراپا احتجاج آهي. وزيراعظم سان ان موقعي تي قبائلي اڳواڻن ۽ صلاحڪارن ملاقات ڪئي. دوري دوران وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب،  انجنيئر امير مقام ۽ ڪيپٽن صفدر به موجود هئا.

پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي وزيراعظم قبائلي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تي سڀني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ضلعي تورغر ۾ روڊن، پلن ۽ ٻين منصوبن سان هن پوري علائقي ۾ هاڻ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هي ترقياتي ڪم نوازشريف جو ويزن آهن. نوازشريف پنهنجي دور ۾ هتي تاريخي منصوبا شروع ڪيا. گذريل حڪومت منصوبن کي سرد خاني حوالي ڪري ڇڏيو اهو ڪرپشن ۽ غفلت جو بدترين دور هو. نوازشريف جي منصوبن کي هاڻ اڳيان وڌايو پيو وڃي. بجيٽ ۾ منصوبن لاءِ رقم رکي ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ صوبن جي مدد ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔